واشنگٽن -10 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي ڊيمو ڪريٽ اڳواڻن کي چيو آهي، ته ايندڙ مهيني شڪاگو ۾ ٿيندڙ پ??رٽ?? ڪنيونشن ۾ مون کي چئلينج يا ڊونلڊ ٽرمپ خلاف منهنجي حمايت ڪيو. ميڊيا مطابق جوبائيڊن ڪانگريس کي لکيل خط ۾ چيو ته هو چونڊن ۾ بيهڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڊوڙ تان هٿ نه کڻندو. هن چيو ته هي گڏجڻ ۽ هڪ متحد پ??رٽ?? طور اڳيان وڌي ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ڏيڻ جو وقت آهي. هن چيو ته هو پ??رٽ?? ۾ موجود اشرافيه مان ت??ام گهڻو مايوس آهي، انهن مان جنهن جو به خيال آهي ته مون کي چونڊ نه وڙهڻ گهرجي، اهو منهنجي خلاف چونڊ وڙهي ۽ صدارتي ا??يد??ار طور اعلان ڪري ۽ کيس ڪنوينشن ۾ چئلينج ڪري. ٻئي پاسي ڊونلڊ ٽرمپ انٽرويو ۾ چيو ته منهنجي خيال ۾ جوبائيڊن دٻاءُ برداشت ڪندو ۽ ڊوڙ ۾ شامل رهندو، سندس انا آهي ۽ هو هٿ نٿو کڻڻ چاهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل