اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پاناما ??يپ??ز ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پاناما ??يپ??ز ۾ لڳايل الزامن جي تفصيلي جاچ لاءِ گڏيل تحقيقاتي ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙڻ ۽ ان کي 60 ڏينهن جي اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پاناما ??يپ??ز ڪيس جي شنوائي ڪندڙ 5 رڪني لارجر بينچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسه خميس ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز افضل خان، جسٽس گلزا?? احمد، جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينڪ ڌرين جي وڪيلن جا ??ليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 23 فيبروري تي پاناما دستاويزن واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو، جسٽس آصف سعيد کوسه عدالت ۾ اڪثريتي فيصلو پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ هن پاڻ ۽ جسٽس گلزا?? احمد اعليٰ عدالت جي ٻين ٽن ججن سان اختلاف رکيو.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات