اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته 16 ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد ر??يو ويندو جڏهن بربرريت ۽ سفاڪيت جي علمبردارن پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويندڙ معصوم جڏهن واپس آيا ته انهن مان ڪيترن ئي شهادت جي چ??در اوڍي رکي هئي ۽ انهن جو هڪ وڏو انگ زخمن ۾ چُور ?? ذهنن ۾ بزدل دشمن جي سفاڪيت جا نقش کنيل هئا. هن جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جان ۽ مال جون جيڪي قربانيون ڏنيون آهن اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي ياد جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ